سون مسلسل 3 ڏينهن سستو ٿيڻ کانپوءِ مهانگو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مسلسل ٽي ڏينهن سستو ٿيڻ کانپوءِ اڄ سون مهانگو ٿي ويو.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب في تولي سون جي قيمت ۾ ٻه هزار 700 رپيا واڌ ٿي، جنهن کانپوءِ اهو 2 لک 73 هزار 900 رپين جو ٿي ويو.
اهڙي ريت 10 گرام سون 2 هزار 315 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 34 هزار 825 رپين جو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 27 ڊالر واڌ سان 2 هزار 640 ڊالر في اونس آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.