لاهور (ويب ڊيسڪ) ليجنڊري اداڪار عابد ڪشميري لاڏاڻو ڪري ويو.
خاندان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيوويو آهي ته عابد ڪشميري ڪجهه عرصي کان بيمار هو.
پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ناليواري اداڪار عابد ڪشميري جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي سوڳوار خاندان سان تعزيت ڪئي.
اداڪار عابد ڪشميري سوين ٽي وي ۽ اسٽيج ڊرامن سميت فلمن ۾ به ڪم ڪيو.
عابد ڪشميري کي 1988ع ۾ رليز ٿيل فلم ” بازار حسن“ تي بهترين مزاحيه اداڪار لاءِ نگار ايوارڊ سان به نوازيو ويو.