ملتان (ويب ڊيسڪ ) تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن ٽيم پاڪستان خلاف اٺ سئو رنسون ٺاهڻ جو اعزاز ماڻي ورتو آهي.
انگلينڊ پاڪستان جي خلاف ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ايڏو وڏو اسڪور ڪندڙ پهرين ٽيم بڻجي وئي.
پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ ملتان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ جاري آهي.
انگلينڊ پاڪستان خلاف 20 سال اڳ اسڪور ڪيل ڀارت جو 675 رنسن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.
ڀارتي ٽيم 2004ع ۾ ملتان ٽيسٽ ۾ چئن وڪيٽن جي نقصان تي 675 رنسون ٺاهيون هيون.
ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ رڳو چار ڀيرا اننگز ۾اٺ سئو يا ان کان وڌيڪ رنسون ٺهيون آهن، آخري ڀيرو سريلنڪا 1997ع ۾ ڀارت خلاف 6 وڪيٽن جي نقصان تي 952 رنسون ٺاهيون هيون.
انگلينڊ 1938ع ۾ آسٽريليا خلاف 903 ۽ 1930ع ۾ ويسٽ انڊيز خلاف 849 رنسون ٺاهيون هيون، تاريخ ۾ اٺ سئو کان وڌيڪ چئن ٽوٽلز ۾ ٽي انگلينڊ جا آهن.
ان کان اڳ 1958ع ۾ ويسٽ انڊيز پاڪستان خلاف ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 790 رنسون ٺاهيون هيون.
ان کانسواءِ انگلش بيٽر جو روٽ ۽ هيري بروڪ انگلينڊ لاءِ ڀائيواري جو نئون رڪارڊ قائم ڪيو، هيري بروڪ ۽ جو روٽ پاڪستان خلاف چوٿين وڪيٽ لاءِ 412 رنسون جوڙيون.
ان کان اڳ انگلينڊ طرفان پيٽرمي ۽ ڪولن ڪاوڊري وچ ۾ 411 رنسن جي ڀائيواري قائم ٿي هئي ، پيٽر مي ۽ ڪولن ڪاوڊري 1957ع ۾ ويسٽ انڊيز خلاف اِهو ڪارنامو انجام ڏنو هو.
ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڏي ڀائيواري جو اعزاز سريلنڪا جي مهيلا جئه ورڌرني ۽ ڪمار سنگاڪارا کي حاصل آهي ٻنهي جي وچ ۾ 2006ع ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف 624 رنسن جي ڀائيواري قائم ٿي هئي.
You might also like