ملتان ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن جي پڄاڻي تي پاڪستان ٻي اننگز ۾ ڇهن وڪيٽن جي نقصان تي 152 رنسون ٺاهي ورتيون جڏهن ته انگلينڊ کي پاڪستان خلاف 115 رنسن جي سرسي حاصل آهي.
ملتان انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ جاري پهرئين ٽيسٽ ميچ ۾ انگلينڊ چوٿين ڏينهن پنهنجي پهرين اڻپوري اننگز شروع ڪئي ته جو روٽ 176 ۽ هيري بروڪ 141 رنسن سان ڪريز تي موجود هئا.
ٻنهي بيٽرن شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي پاڪستاني بالرن جا هوش خطا ڪري ڇڏيا ۽ رنسن جو جبل کڙو ڪري ڇڏيو.
پاڪستان جي 556 رنسن جي جواب ۾ انگلينڊ پهرين اننگز 823 رنسن 7 رانديگرن جي آئوٽ ٿيڻ تي ڊڪڪيئر ڪري ڇڏي ۽ پهرين اننگز ۾ 267 رنسن جي برتري حاصل ڪري ورتي.
جورٽ 262 رنسون ٺاهي سلمان علي آغا جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿيو جڏهن ته هيري بروڪ 317 رنسن جي اننگز کيڏي.
پاڪستان طرفان صائم ايوب ۽ نسيم شاهه ٻه، ٻه جڏهن ته شاهين آفريدي، سلمان علي آغا ۽ عامر جمال هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
ٻي اننگز ۾ به پاڪستان جي شروعات پهرين اننگز جيان مايوس ڪندڙ رهي ۽ عبدالله شفيق پهرئين ئي بال تي بولڊ ٿي ويو.
ان کانپوءِ ڪپتان شان مسعود به 11 رنسون ٺاهي پويلين موٽيو، جڏهن ته بابر اعظم رڳو پنج رنسن جو مهمان ثابت ٿيو ۽ صائم ايوب به 25 رنسن تي پنهنجي وڪيٽ وڃائي ويٺو.
پاڪستان جي پنجين وڪيٽ 59 رنسن تي ڪِري جڏهن محمد رضوان 19 بالن تي 10 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، 82 رنسن جي مجموعي اسڪور پاڪستان جي ڇهين وڪيٽ ڪِري ۽ سعود شڪيل 29 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.
انگليڊ جي گس ايٽنڪسن ۽ برائيڊن ڪرس ٻه، ٻه جڏهن ته ڪرس ووڪس ۽ جيڪ ليچ هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
چوٿين ڏينهن جي پڄاڻي تي پاڪستان ٻي اننگز ۾ ڇهن وڪيٽن جي نقصان تي 152 رنسون ٺاهي ورتيون، سلمان آغا 41 ۽ عامر جمال 27 رنسن سان ڪريز تي موجود هئا.
پاڪستان پنهنجي پهرين اننگز ۾ شان مسعود، عبدالله شفيق ۽ سلمان علي آغا جي سينچرين جي مدد سان 556 رنسون اسڪور ڪيون هيون.
You might also like