سوئيڊن جي رائل اڪيڊمي آف لٽريچر سال 2024 جو نوبيل انعام ڏکڻ ڪوريا جي ناول نگار ۽ ليکڪا هان ڪانگ کي ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.
53 ورهين جي هان ڪانگ ڏکڻ ڪوريا جي پهرين عورت آهي، جنهن ادب ۾ دنيا جو معتبر ترين ايوارڊ کٽيو آهي.
هوءَ ٻيا به ڪيترائي ايوارڊ کٽيندڙ پهرين ڏکڻ ڪوريائي عورت آهي، هن ادب جا ڪجهه ٻيا مشهور ترين ايوارڊ به کٽيا آهن.
مجموعي طور تي هان ڪانگ 18هين عورت آهي، جنهن کي ادب جو نوبيل انعام ڏنو ويو آهي پر هوءَ پهرين ڏکڻ ڪورين عورت آهي.
ڪميٽي موجب هان ڪانگ جي نثر ۽ شاعري ۾ تاريخي صدما ۽ صنفي فرق جون وڏيون ڪهاڻيون ملن ٿيون، سندس تحريرن ۾ انساني زندگي جون نزاڪتون به ملن ٿيون.
ڪميٽي چيو ته هان ڪانگ جي تحريرن ۾ جسم ۽ روح سميت زندگي ۽ موت جهڙن ڏکين موضوعن تي بحث پڙهڻ لاءِ ملندو آهي ۽ ان جون اهي ئي ڳالهيون کيس ٻين ليکڪن کان منفرد بڻائين ٿيون.
هان ڪانگ کي نوبيل انعام هلندڙ سال ڊسمبر ۾ ڏنو ويندو، کيس 12 لک آمريڪي ڊالرن جي انعامي رقم به ملندي.
You might also like