نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ والاريل ڄمون ڪشمير ۽ هريانا جي رياستي چونڊن جا نتيجا سامهون اچي ويا.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، والاريل ڪشمير ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس ۽ هريانا ۾ حڪمران جماعت ڀارتيه جنتا پارٽي ( بي جي پي ) کي واضح برتري حاصل آهي.
رپورٽس موجب، هريانا جي ڪُل 90 سيٽن مان بي جي پي 48 سيٽون کٽي سڀني کان اڳتي آهي ۽ مخالف پارٽي ڪانفريس 37 سيٽن سان ٻئي نمبر تي آهي جڏهن ته پنج سيٽن تي ٻيون پارٽيون ۽ آزاد اميدوار ڪامياب ٿيا آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ به سمورين 90 سيٽن تي اليڪشن ٿي جنهن ۾ ڪانگريس ۽ نيشنل ڪانفرنس جي اتحاد 49 سيٽون کٽي واضح اڪثريت حاصل ڪري ورتي آهي، جڏهن ته بي جي پي اتي 29 سيٽن سان ٻئي نمبر تي آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، والاريل ڪشميرجي اڳوڻي وزيراعليٰ محبوبه مفتي جي پارٽي پيپلز ڊيموڪريٽڪ پارٽي ٽن سيٽن سان ٽئين نمبر تي آهي جڏهن ته آزاد اميدوار ۽ ٻين پارٽين نوَ سيٽن تي ڪاميابي ماڻي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ٻنهي رياستن ۾ سيٽن جو انگ 90 ۽ ڪنهن به پارٽي يا مختلف ميمبرن کي گڏائي حڪومت ٺاهڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 46 سيٽون گهربل هونديون ۽ ان حساب سان ڪانگريس اتحاد ڄمون ۽ ڪشمير جڏهن ته بي جي پي هريانا ۾ حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن آهي.
واضح رهي ته والاريل ڪشمير ۾ هڪ ڏهاڪي کانپوءِ رياستي چونڊن ٿيون آهن جڏهن ته هريانا ۾ بي جي پي لاڳيتو ٽيون ڀيرو ميدان ماري ورتو آهي.
You might also like