ملڪ ۾ سون سستو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) اڄ سموري ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ معمولي لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جميز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، سڄي ملڪ ۾ في تولو سون ٻه سئو رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 75 هزار 7 سئو رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون جي قيمت 171 رپيا لاٿ بعد 2 لک 36 هزار 368 رپيا آهي.
ان کانسواءِ عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون ٽي ڊالر سستو ٿيڻ کانپوءِ ٻه هزار ڇهه سئو ڇاونجاهه ڊالرن ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.