ملتان ۾ شان ڇائنجي ويو، ڪپتان جون ڊگهي فارميٽ ۾ ٻه هزار رنسون مڪمل

ملتان ( ويب ڊيسڪ ) قومي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان شان مسعود انگلينڊ خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ دوران ڊگهي فارميٽ واري ڪرڪيٽ ۾ ٻه هزار رنسون مڪمل ڪري ورتيون آهن.
شان مسعود ٽيسٽ ڪيريئر جي 67 اننگز ۾ ٻه هزار رنسون مڪمل ڪيون، ملتان ٽيسٽ ۾ شان مسعود شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي چئن ورهين جي ڊگهي انتظار کانپوءِ پهرين سينچري اسڪور ڪئي جيڪا ڪپتان طور پڻ سندس پهرين سينچري آهي.
پاڪستاني ڪپتان پهرين ڏينهن ميدان جي چئني پاسي شاندار اسٽروڪ کيڏيا ۽ هو 151 رنسون ٺاهي پويلين موٽيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.