راولپنڊي (ويب ڊيسڪ ) اڊيالا جيل ۾ 18 آڪٽوبر تائين سمورين ملاقاتن تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
جيل ذريعن موجب، پي ٽي آءِ باني عمران خان سان پارٽي اڳواڻن، وڪيلن، فيملي جي ملاقات تي به پابندي مڙهي وئي آهي، ملاقاتن تي پابندي سيڪيورٽي سببن جي بنياد تي لڳائي وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اسلام آباد ۾ شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاس جي سلسلي ۾ اڊيالا جيل جي سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، اڊيالا جيل ۾ ملاقاتين تي پابندي جو فيصلو پنجاب حڪومت ڪيو آهي، ملاقاتن جي پابندي وارو فيصلو عام قدين تي به لاڳو هوندو.