اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخوا هائوس اسلام آباد ۾ موجود سرڪاري ملازمن جي گهرڀاتين کي رهائش گاهه ڇڏڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
ذريعن موجب، اسلام آباد جي خيبرپختونخوا هائوس ۾ اٽڪل چاليهه فيملي ڪوارٽرز آهن جن ۾ ڪي پي هائوس جي ملازمن جا خاندان ترسيل آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته خيبرپختونخوا هائوس ۾ رهندڙ ملازم وڏي وزير لاءِ ڪم ڪندا آهن جنهن ۾ ڪي پي جي وڏي وزير جو بورچي ۽ ڪلرڪ سميت اسٽاف پڻ شامل آهي جڏهن ته سرڪاري ملازمن جا ٻار اسلام آباد جي مختلف اسڪولن ۾ پڙهي رهيا آهن.
ذريعن موجب، ڪي پي هائوس ۾ موجود سرڪاري ملازمن جي گهرڀاتين کي هاڻ رهائش گاهه ڇڏڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي ۽ چيو ويو آهي ته خيبرپختونخوا هائوس جي ليز جو مُدو ختم ٿي چڪو آهي.
You might also like