پشاور (ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته تشدد ۽ شيلنگ باوجود ڊي چوڪ اسلام آباد پهتس، منزل پي ٽي آءِ باني عمران خان جي آزادي آهي.
خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي صدارت هيٺ وزير اعليٰ هائوس ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ پي ٽي آءِ جي اسيمبلي ميمبرن، پارٽي عهديدارن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي.
ذريعن موجب، اسيمبلي ميمبرن ڪامياب احتجاج تي علي امين گنڊاپور کي روايتي پٽڪو پارايو، علي امين خطاب ۾ سڀني جا ٿورا مڃيا ۽ احتجاج ۾ پاڻ مٿان گذريل واقعن بابت آگاهه ڪيو.
ان موقعي تي علي امين گنڊاپور چيو ته سندن پُرامن تحريڪ اڳتي پڻ جاري رهندي، پي ٽي آءِ باني جيڪو فيصلو ڪيو هو ان تي مڪمل عملدرآمد ڪيو.
هن چيو ته عمران خان جي حڪم تي پنهنجو هدف حاصل ڪيو، جبر، تشدد ۽ شيلنگ باوجود ڊي چوڪ اسلام آباد پهتس.
علي امين چيو ته وفاق اسان تي ظلم ڪيو، مون تي ۽ ڪي پي هائوس تي حملو ڪيو، پي ٽي آءِ باني جي آزادي سندس منزل آهي، گرفتار پارٽي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ قانوني ٽيم جوڙي وئي آهي.
Prev Post
You might also like