وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: ايشين چيمپيئن سريلنڪا کي لاڳيتو ٻي شڪست

شارجه (ويب ڊيسڪ ) وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024ع ۾ ايشين چيمپيئن سريلنڪا کي آسٽريلوي ٽيم به شڪست ڏئي ڇڏي.
ميگا ايونٽ ۾ پنهنجي پهرين ميچ ۾ سريلنڪا کي پاڪستان هٿان 31 رنسن تان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو ، جڏهن ته اڄ آسٽريليا به آءِ لينڊرز کي ڇهن وڪيٽن تان مات ڏئي ڇڏي آهي.
شارجه ۾ کيڏيل ٽورنامينٽ جي پنجين ميچ ۾ سريلنڪن ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ ست وڪيٽن جي نقصان تي 93 رنسون ٺاهيون.
سريلنڪا جي نيلاڪشيڪا سلوا 29 رنسون ٺاهي ناقابلِ شڪست رهي، جڏهن ته هرشيٿا سمارا وڪرما 23 ۽ انوشڪا سنجيواني 16 رنسون ٺاهيون.
آسٽريليا طرفان ميگن شاٽ 3، سوفي مولينڪس ٻه وڪيٽون ورتيون.
آسٽريليا گهربل هدف چئن وڪيٽن جي نقصان تي 15 هين اوور ۾ حاصل ڪري ورتو، بيٿ مورني 43 جي ناٽ آئوٽ اننگز کيڏي، ايليسا پيري 17 ۽ ايشليگ گارڊنر 12 رنسون ٺاهيون.
سريلنڪا جي سوگنڌيڪا ڪماري، اينو ڪارانا ويرا، اودشڪاپرا بوڌاني هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
شاندار بالنگ تي ميگن شاٽ کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو
ايشين چيمپيئن سريلنڪا لاءِ لاڳيتو ٻه ميچون هارائڻ کانپوءِ گروپ اي ۾ ايندڙ مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو آهي.
سريلنڪا کي ايندڙ مرحلي ۾ ڪواليفاءِ ڪرڻ لاءِ ڀارت ۽ نيوزيلينڊ جي خلاف رٿيل ٻئي ميچون کٽڻيون پونديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.