لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز چيو آهي ته تحريڪ انصاف جا ماڻهو ڪنهن رعايت جا حقدار ناهن.
لاهور مان جاري ڪيل بيان ۾ مريم نواز چيو ته تحريڪ انصاف جي روپ ۾ موجود تحريڪ انتشار جو واحد مقصد ملڪ ۾ باهه لڳائڻ آهي.
هن چيو ته اهي ماڻهو ڪنهن رعايت جا حقدار ناهن، انهن جي لشڪر ۾ فرنٽ لائنز ۾ تربيت يافته دهشتگرد شامل آهن، انهن دهشتگردن کي پوليس ۽ رياست تي حملي لاءِ استعمال ڪيو آهي، ڪهڙو ملڪ اهو سڀ برداشت ڪندو آهي؟
You might also like