ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڪستان ۾ کجيءَ جي پيداوار ۾ سنڌ 57 سيڪڙو سان سرفهرست آهي. پاڪستان کجين جي پيداوار ۾ پنجون وڏو ۽ ٽيون وڏو برآمد ڪندڙ ملڪ آهي پر عالمي سطح تي پاڪستاني کجين جي پيدوار جو اگهه مناسب ناهي، ان لاءِ برساتن کي برداشت ڪندڙ ۽ وڌيڪ پيداوار ڏيندڙ قسمون پوکڻيون پونديون، جديد ٽيڪنالاجي کي پڻ استعمال ڪرڻو پوندو. اھڙيون ڳالھيون سنڌ جي وڏي وزير ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ پاڪستان جي پهرين انٽرنيشنل ڊيٽ فيسٽيول جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيون. هن فيسٽيول ۾ شرڪت ڪندڙ مقامي ۽ عالمي هارين ۽ واپارين جي ڪوششن کي ساراهيو. مراد علي شاهه کجين جي وڻڪاري جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته سڄي دنيا ۾ ان کي روڪ وارو فصل ( ڪيش ڪراپ) سمجهيو ويندو آهي. هي هڪ غذائي ۽ معاشي لحاظ کان اهم فصل آهي. هن ٻڌايو ته پاڪستان ۾ 252000 ايڪڙن تي کجور پوکيل آهن. 2022ع ۾ 7 لک 30 هزار ٽن پيداوار سان پاڪستان عالمي کجيءَ مارڪيٽ جو هڪ اهم ڀائيوار بڻجي ويو آهي. وڏي وزير کجيءَ جي پيداوار ۾ سنڌ جي نمايان ڪردار تي فخر ڪندي چيو ته پاڪستان جي ڪل پيداوار جو 57 سيڪڙو سنڌ پيدا ڪري ٿي. بلوچستان ساڍا 33 سيڪڙو پيداوار سان ٻئي نمبر جڏهن ته خيبرپختونخواهه اڍائي سيڪڙو پيداوار سان ٽئين نمبر تي آهي. سنڌ ۾ خيرپور مختلف قسمن جي کجين جو مرڪز آهي جتي اصيل سميت 300 کان وڌيڪ قسمن جي کجور پوکي وڃي ٿي. قومي پيداوار ۾ اصيل جو حصو 70 سيڪڙو آهي. بلوچستان ۾ بيڪم جنگي ۽ مضاواتي مشهور قسم آهن جڏهن ته خيبرپختونخواهه ۾ ڍُڪي قسم مشهور آهن. سنڌ جي وڏي وزير اميد ظاهر ڪئي ته ٽن ڏينهن وارو فيسٽيول ڄاڻ جي ڏي وٺ ۽ پائيدار زراعت کي يقيني بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. هن چيو ته حڪومت زراعت جا جديد طريقا تيار ڪرڻ ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ پاڪستان جو ڪردار وڌائڻ لاءِ عالمي ڀائيوارن خاص طور تي گڏيل عرب امارات سان تعاون ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. مراد علي شاهه چيو ته نار وارن ملڪن وانگر نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وزارت زرعي تحقيقاتي ڪائونسل ذريعي ٿر ريگستان ۾ کجور جي پوک شروع ڪئي آهي. ڪيترن ئي تجربن کانپوءِ کجيءَ جي 38 قسمن جي نشاندهي ڪئي وئي جن مان 8 وڏي پيماني تي پوکڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. کجين جا اهي 8 قسم پنجاب جي چولستان ريگستان جهڙن خشڪ علائقن ۾ پيداواري صلاحيت رکن ٿا هن ٻڌايو ته پاڪستان ۾ کجور جا اڪثر قسم روايتي ۽ مقامي آهن جيڪي سڌي ريت برآمد لاءِ مناسب ناهن. وڏي وزير چيو ته اسان جي کجور جا قسم عام طور تي هن موسم ۾ ٿيندڙ برساتن کي برداشت ڪرڻ جي قابل نه هوندا آهن جنهن جي نتيجي ۾ اسان کي وڏو مالي نقصان برداشت ڪرڻو پوندو آهي . ان کان اڳ وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري ۽ يو اي اي جي سفير حماد عبيد الزبي سان گڏ ربن ڪٽي ۽ پاڪستان جي پهرين انٽرنيشنل ڊيٽ فيسٽيول جو افتتاح ڪيو.