اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ست آڪٽوبر تي والاريل فلسطين جي علائقي غزا تي اسرائيلي جارحيت جي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي سڏايل آل پارٽيز ڪانفرنس جي ميزباني جو فيصلو ڪري ورتو.
وزيراعظم شهباز شريف سان جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان ۽ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملاقات ڪئي.
وزيراعظم هائوس موجب، ملاقات ۾ موجود سياسي پارٽين غزا ۽ فلسطين سان قومي سطح تي ايڪي جي اظهار جو فيصلو ڪيو .
فلسطنين سان ٻڌي جي اظهار لاءِ وزيراعظم جي ميزباني ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائڻ ۽ ست آڪٽوبر تي سڄي ملڪ ۾ اسرائيلي ظلمن جي شڪار مسلمان ڀائرن ۽ ڀينرن سان يومِ يڪجهتي ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو .
وزيراعظم هائوس موجب، فلسطين سان ٻڌي جي اظهار ۽ آل پارٽيز ڪانفرنس لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جي منظوري ڏني وئي آهي جنهن ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، شيري رحمان، خواجا سعد رفيق ۽ نيئر بخاري شامل آهن.
ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته ست آڪٽوبر تي سڄي ملڪ ۾ اسرائيلي ظلمن خلاف ميڙاڪا ۽ سيمينار ڪوٺايا ويندا، آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف شرڪت ڪندا.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو فلسطين ۽ غزا ۾ جاري ظلمن جي حوالي سان يومِ يڪجهتي تي ڀرپور حمايت جو اعلان ڪيو، ملاقات ۾جماعت اسلامي جي امير جي غزا ۽ فلسطين جي حق ۾ ٻڌيءَ واري موقف جي تعريف ڪئي وئي.