واٽس ايپ اسٽيٽس ۾ وڏي تبديلي

اسٽوريز هاڻ هر سوشل ميڊيا ۽ ميسجنگ ايپ جو هڪ لازمي حصو آهن، جنهن ذريعي واهپيدار پنهنجي روز مره جي زندگيءَ جا مختلف لمحا ٻين سان شيئر ڪندا آهن.
سوشل ميڊيا اسٽوريز 24 ڪلاڪن کانپوءِ پاڻمرادو گم ٿي وينديون آهن، جڏهن ته واٽس ايپ ۾ اسٽوريز کي اسٽيٽس جي نالي سان ڄاتو ويندو آهي.
جيڪڏهن اوهان واٽس ايپ اسٽيٽس استعمال ڪريو ٿا ته اوهان سٺي خبر اِها آهي ته ڪمپني طرفان اِهو فيچر وڌيڪ بهتر بڻايو پيو وڃي.
تازي اَپ ڊيٽ موجب، هاڻي اوهان دوستن جي واٽس ايپ اسٽيٽس کي لائيڪ ڪري سگهندئو، ان کانسواءِ اوهان اسٽيٽس تي ڪانٽيڪٽس کي ٽيگ پڻ ڪري سگهو ٿا.
اسٽيٽس مينشن نالي فيچر تي مارچ 2024 کان ڪم جاري هو ۽ هاڻ ڪمپني طرفان واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
فيچر تحت جڏهن اوهان اسٽيٽس اَپ ڊيٽ ذريعي تصوير يا وڊيو کي شيئر ڪندئو ته ڪيپشن بار ۾ @ بٽڻ کي ڪلڪ ڪري ڪنهن به هڪ ڪانٽيڪٽ کي مينشن يا ٽيگ ڪري سگهندئو.
جنهن ڪانٽيڪٽ کي مينشن ڪيو ويندو، ان کي هڪ نوٽيفڪيشن ذريعي آگاهه ڪيو ويندو ته اوهان کيس پنهنجي اسٽيٽس تي مينشن ڪيو آهي.
جن ماڻهن کي ميشن ڪيو ويندو اُهي اِهو اسٽيٽس پنهنجي ڪانٽيڪٽس سان ري شيئر ڪري سگهندا، جنهن جو آپشن ريپلاءِ باڪس جي ڀر ۾ نظر ايندو.
پر انسٽاگرام جي ابتڙ جڏهن اوهان جو مينشن ڪيل فرد اسٽيٽس کي ري شيئر ڪندو، ته اوهان جي سڃاڻپ ڳجهي رهندي.
اهڙي ريت اوهان جي طرفان مينشن ڪيل ڪانٽيڪٽ به اسٽيٽس ڏسڻ وارن کي نظر نه ايندو.
واٽس ايپ واهپيدار هڪ اسٽيٽس تي پنج ٻين ڪانٽيڪٽس کي مينشن ڪري سگهندا.
ڪمپني موجب، اسٽيٽس لائيڪس به پرائيويٽ هوندا ۽ انهن جا نمبرز به نظر نه ايندا.
سولن لفظن ۾ جنهن صارف جي اسٽيٽس کي لائيڪ ڪيو ويندو، اِهو ئي ڏسي سگهندو ته سندس اسٽيٽس کي ڪنهن لائيڪ ڪيو آهي.
ڪمپني جو چوڻ آهي ته فيچرز کي متعارف ڪرائڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، تمام جلد ڄاڻايل فيچر سموري دنيا جي واهپيدارن لاءِ دستياب هوندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.