آئيني ترميم وارو مامرو،نواز شريف لنڊن وڃڻ جو پروگرام ملتوي ڪري ڇڏيو

لاهور ( بيورو+م ڊ ) مسلم ليگ (ن) جي صدر نواز شريف آئيني ترميم جي حوالي سان لنڊن جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي.  ذريعن موجب اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جو هن هفتي لنڊن وڃڻ جو پروگرام هو پر هاڻي آئيني ترميم جو معاملو حل ٿيڻ کانپوءِ ئي اڳوڻو وزيراعظم لنڊن ۽ آمريڪا ويندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته آئيني ترميم هن هفتي يا آڪٽوبر جي ٻئي هفتي جي شروعات ۾ آڻڻ  جو امڪان آهي ۽ ان حوالي سان سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو انتظار ڪيو پيو وڃي.واضح رهي ته حڪومت گذريل مهيني آئيني ترميمون آڻڻ جو فيصلو ڪيو هو پر گهربل اڪثريت نه ملڻ سبب بلن جي منظوري ڪجهه ڏينهن لاءِ ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.