ڇو پي ٽي آءِ کي جلسي جي اجازت نه پئي ڏني وڃي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ پي ٽي آءِ پاران جلسي جي اجازت نه ملڻ واري معاملي  تي داخل ڪيل توهين عدالت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت  چيو ته ڇا مسئلو آهي، ڇو تحريڪ انصاف کي جلسي جي اجازت نه پئي ڏني وڃي،؟ ڊپٽي ڪمشنر اوڀر چيو ته سيڪيورٽي ڪليئرنس نه ملڻ جي ڪري اسان اجازت نٿا ڏئي سگهون. سرڪاري وڪيل چيو ته تحريڪ انصاف معاشري ۾ انتشار پکيڙڻ چاهي ٿي. عدالت رماڪس ڏنا ته اهڙي ڳالهيون نه ڪريو، جلسي جي اجازت ڏيو، جيڪڏهن ڪو قانون جي خلاف ورزي ڪري ٿو ته ڪارروائي ڪئي وڃي. عدالت 7آڪٽوبر تائين تحريڪ انصاف جي درخواست تي فيصلي ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. عدالت 7آڪتوبر تي ايس ايس پي اوڀر ۽ ڊپٽي ڪمشنر اوڀر کي به طلب ڪري ورتو آهي.تحريڪ انصاف 13آڪٽوبر تي ڪراچي جي باغ جناح ۾ جلسو ڪرڻ چاهي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.