بابر اعظم جي استعيفيٰ، پي سي بي اهم بيان جاري ڪري ڇڏيو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪريٽ بورڊ قومي ٽيم جي وائيٽ بال ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جي استعيفيٰ منظور ڪري ورتي.
پي سي بي تصديق ڪئي آهي ته بابر اعظم اڱاري جي شام پاڪستان مينز وائيٽ بال ٽيمن جي ڪپتاني تان استعيفيٰ ڏني جيڪا منظور ڪئي وئي آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ موجب، بابر اعظم جو اِهو فيصلو بيٽنگ بيٽنگ تي ڌيان ڏيڻ جي خواهش ظاهر ڪري ٿو جنهن کانپوءِ پي سي بي سليڪشن ڪميٽي مستقبل ۾ وائيٽ بال ڪرڪيٽ جي حڪمتي عملي تيار ڪرڻ جو عمل شروع ڪندي جنهن ۾ نئين ڪپتان جي سفارش به شامل آهي.
بورڊ جو چوڻ آهي ته جيتوڻيڪ پي سي بي بابر اعظم جي وائيٽ بال جي ڪپتان طور حمايت ڪئي هئي پر سندس استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو هڪ رانديگر طور تمام گهڻي ڌيان ڏيڻ جي خواهش ظاهر ڪري ٿو، هو سمجهي ٿو ته هڪ بيٽر طور هو مختصر فارميٽس ۾ ٽيم جي ڪاميابي ۾ وڌيڪ فيصلائتو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.
پي سي بي موجب، بورڊ بابر اعظم جي وائيٽ بال ڪپتان طور خدمتن، ٽيم جي گهرجن کي اهميت ڏيڻ جي صلاحيت ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ لاءِ سندس لڳاءُ کي تسيلم ڪري ٿو.
پي سي بي جو چوڻ آهي ته بورڊ بابر اعظم جي حمايت جاري رکندو، ان ڳالهه کي قبول ڪندي ته وٽس ورلڊ ڪلاس بيٽر ۽ ٽيم جي سينيئر رڪن طور پيش ڪرڻ لاءِ اڃا گهڻو ڪجهه آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.