ڪراچي ۾ آڪٽوبر مهينو ڪيئن گذرندو؟ موسميات کاتي ٻڌائي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ڪراچي جي موسم بابت اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز چيو ته ڪراچي ۾ آڪٽوبر جو مهينو گرم گذرندو، شهر ۾ 9 يا 10 آڪٽوبر کان گرمي وڌڻ جو امڪان آهي.
هن وڌيڪ چيو ته 6 يا 7 آڪٽوبر کان اسلام آباد، خيبر پختونخواهه، فيصل آباد ۽ لاهور ۾ برسات ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته اسڪردو ۽ ڪالام ۾ گرمي پد گهٽجي 7 کان 6 ڊگري تي اچي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.