سنڌ هاءِ ڪورٽ جو ايم ڊي ڪيٽ پرچو ليڪ ٿيڻ جي معاملي تي ڌرين کي نوٽيس

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪيترن ئي اميدوارن طرفان ايم ڊي ڪيٽ امتحان ڪالعدم قرار ڏيڻ ۽ ٻيهر امتحان وٺڻ جي درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.
جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل ٻه رڪني ڊويزن بئنچ سنڌ جي صحت کاتي جي سيڪريٽري، پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل، ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز ۽ وفاقي جاچ اداري کي 9 آڪٽوبر لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.
محمد شبير احمد ۽ ٻين 14 اميدوار گڏيل طور داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز 22 سيپٽمبر تي صوبي ۾ ٽيسٽ ورتي، مبينا طور امتحان کان هڪ ڏينهن اڳ ڪيترائي پرچا منظر تي آيا هئا، جنهن سان امتحاني عمل جي شفافيت تي شڪ شبها پيدا ٿيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.