اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن گوشوارا جمع نه ڪرائڻ تي 26 اڳوڻن قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو.
اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل بيان موجب قومي اسيمبلي جا 11 اڳوڻا ميمبر، سنڌ اسيمبلي جا 7 ۽ بلوچستان اسيمبلي جا 8 ميمبر نااهل قرار ڏنا ويا، اهي ميمبر قومي اسيمبلي سال 23-2022 جا گوشوارا جمع نه ڪرائڻ تائين چونڊ ۾ حصو نه وٺي سگهندا.
اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته نااهل ٿيندڙ ميمبرن ۾ خرم دستگير، محسن رانجها، محمد علي، ڪمال الدين، ارسلان تاج، سيد عمران علي شاهه، يار محمد رند ۽ ٻيا شامل آهن، گوشوارا جمع ڪرائڻ کانپوءِ اڳوڻي ميمبر اليڪشن وڙهي سگهندا.
You might also like