ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ڪرڪيٽر ۽ تجزيي نگار سڪندر بخت چيو آهي ته کيس بابر اعظم جي دير سان استعيفيٰ تي کِل اچي رهي آهي.
گذريل ڏينهن بابر اعظم وائيٽ بال ٽيم جي ڪپتاني تان استعيفيٰ جو اعلان ڪندي چيو ته هو پنهنجو سمورو ڌيان بيٽنگ تي ڏيڻ چاهي ۽ خاندان سان وقت گذارڻ چاهي ٿو.
بابر اعظم جي استعيفيٰ بابت اڳوڻي ڪرڪيٽر سڪندر بخت نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته مينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان آخري ميچ 16 جون کيڏي، ان ڳالهه کي ساڍا ٽي مهينا گذري چڪا آهن، بابر اعظم کي هاڻي شرم آيو آهي ته سندس ڪارڪردگي سٺي ناهي انڪري کيس ڪپتاني تان استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.
هن چيو ته بابر اعظم کي ورلڊ ڪپ خراب ڪارڪردگي ۽ قومي ٽيم جي آخري ميچ کانپوءِ ترت ڪپتاني ڇڏڻ گهرجي ها.
سندس چوڻ هو ته عالمي ڪپ ۾ قومي جي ڪارڪردگي کانپوءِ پوري قوم چئي رهي هئي ته بابر کي استعيفيٰ ڏيڻ کپي پر ان سموري صورتحال باوجود بابر ڪو فيصلو نه ڪري سگهيو.
سڪندر بخت چيو ته سندس خيال ۾ بابر کي ڪپتاني ڇڏڻ جو چيو ويو هوندو پر ساڍن ٽن مهينن کانپوءِ بابر عقلمندي وارو فيصلو ڪيو، هاڻي ڏسڻو اِهو آهي ته بابر کانپوءِ بورڊ ڪنهن کي ذميواري سونپي ٿو.
هن وڌيڪ چيو ته قومي ٽيم ۾ ڪپتاني لاءِ ٽن رانديگرن جا گروپ ٺهيل آهن، بابر اعظم ڪپتان هو پر ان کانسواءِ رضوان ۽ شاهين به ڪپتاني جا خواهشمند هئا، ان کانسواءِ شان مسعود به ڪپتان رهڻ چاهي ٿو جڏهن ته شان مسعود ڪپتان طور ابتدائي پنج ئي ميچون هارائي چڪو آهي.
You might also like