اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) کان قرض حاصل ڪرڻ بعد ناڻي واري وزارت مقامي بئنڪ کان مهانگو ڪمرشل قرض نه وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
ذريعن موجب ناڻي واري وزارت مقامي بئنڪ کان 60 ڪروڙ ڊالر قرض معاهدو فنانسنگ گيپ جو ڪاٿو پورو ڪرڻ لاءِ ڪيو هو پر هاڻ حڪومت آءِ ايم ايف کان قرض ملڻ بعد وڌيڪ وياج جي شرح تي قرض نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان حوالي سان جنهن بئنڪ سان 11 سيڪڙو وياج شرح تي پرنسپل ايگريمينٽ ٿيو هو، ان کان هاڻ رقم حاصل نه ڪئي ويندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف به ناڻي واري وزير کي مهانگو قرض حاصل ڪرڻ کان منع ڪيو آهي ۽ ناڻي واري وزير آءِ ايم ايف پروگرام تي سختي سان عملدرآمد جي هدايت ڪندي چيو آهي ته فنانسنگ گيپ جي صورت ۾ ٻين ذريعن کان گهٽ وياج جي شرح تي قرض ورتو ويندو.
ذريعن موجب حڪومت جو اهو قدم معاهدي جي ڀڃڪڙي هوندي ۽ مستقبل ۾ قرض جي ٻيهر درخواست ڪئي وئي ته ڏکيائيون پيش اچي سگهن ٿيون.
Next Post
You might also like