ممبئي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ اداڪارا ودِيا بالن جي گاڏي خوفناڪ حادثي جو شڪار ٿي وئي، جڏهن ته اداڪارا معجزاڻي طور محفوظ رهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، اداڪارا پنهنجي نئين فلم ” تهماري سلو “ جي شوٽنگ کانپوءِ باندره ۾ هڪ پروگرام ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهي هئي ته رستي ۾ هڪ گاڏي سندس گاڏي سان ٽڪر ٿي پيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ڪار حادثو باندره واري علائقي ۾ پيش جنهن دوران هڪ گاڏي وديا بالن جي ڪار کي ٽڪر هنيو.
اداڪارا جي ويجهن ذريعن جو چوڻ آهي ته اِهو هڪ روڊ حادثو آهي جنهن ۾ اداڪارا محفوظ رهي.
واضح رهي ته اداڪارا جي فلم ” تهماري سلو“ هلندڙ سال پهرين ڊسمبر تي رليز ڪئي ويندي، فلم جو پرڊيوسر ڀوشن ڪمار ۽ هدايتڪار سريش تروويني آهي.
You might also like