تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي اسرائيل کي خبردار ڪيو آهي ته ايران طرفان ايندڙ حملو وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ ثابت ٿيندو.
اسرائيل تي حملي کانپوءِ سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ اسرائيل کي وارننگ ڏني.
آيت الله خامنه اي پنهنجي بيان ۾ چيو ته الله جي مدد سان صيهوني رياست تي جيڪو حملو ڪيو ويندو، اهو هاڻوڪي حملي کان وڌيڪ سخت ۽ تڪليف ڏيندڙ هوندو.
ان کان اڳ سپريم ليڊر جي ايڪس جي آفيشل اڪائونٽ تان آرٽيفيشل انٽيليجنس جي مدد سان ٺهيل ميزائلن جي تصوير پوسٽ ڪئي وئي ۽ ان تي ”نصر من الله و فتح قريب“ لکيل هو.
You might also like