بابر اعظم هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان ٽيم جي ڪپتاني ڇڏي ڏني

پاڪستان جي ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته بورڊ بابر اعظم جي ڪپتان طور استعيفيٰ منظور ڪري ورتي آهي.
بابر اعظم سوشل ميڊيا تي پنهنجي پرستارن جي نالي جاري ڪيل پيغام ۾ بابر اعظم جو چوڻ هو ته هن پاڪستان ٽيم جي ڪپتان جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، هو ان حوالي سان پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ ٽيم مئنيجمينٽ کي گذريل مهيني آگاهه ڪري چڪو هو.
هن چيو ته قومي ٽيم جي قيادت ڪرڻ اعزاز جي ڳالهه آهي، پر هاڻي وقت اچي ويو آهي ته استعيفيٰ ڏئي پنهنجي راند تي ڌيان ڏيان.
بابر اعظم چيو ته ڪپتاني سندس لاءِ فائديمند تجربو رهي آهي، پر ڪپتاني سبب مٿس ٻوجهه پڻ وڌيو، پنهنجي ڪارڪردگي کي ترجيح ڏيڻ، پنهنجي بيٽنگ مان لطف اندوز ٿيڻ ۽ پنهنجي خاندان سان گڏ وقت گذارڻ چاهيان ٿو.
بابر اعظم اِهو به چيو ته پاڪستاني ٽيم جي ڪپتاني جي ذميواري کان ڌار ٿيڻ کانپوءِ هو پنهنجي راند کي بهتر بڻائڻ تي ڌيان ڏئي سگهندو ۽ هو رانديگر طور قومي ٽيم لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو.
پنهنجي بيان ۾ هن لاڳيتو حمايت ڪرڻ ۽ مٿس يقين ڪرڻ تي مداحن جا ٿورا پڻ مڃيا.
واضح رهي ته بابر اعظم کي سال 2019 جي ورلڊ ڪپ کانپوءِ وائيٽ بال فارميٽس جي ڪپتاني جڏهن ته سال 2020 ۾ ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتاني به سونپي وئي هئي.
بابر اعظم جي قيادت ۾ پاڪستان جي ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي ٽيم ٻئي آءِ سي سي رينڪنگ ۾ سرِ فهرست رهي.
گذريل سال ڀارت ۾ ٿيل ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ٽيم جي خراب ڪارڪردگي کانپوءِ بابر اعظم ٽيم جي ڪپتاني تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي جنهن کانپوءِ شان مسعود کي ٽيسٽ جڏهن ته شاهين آفريدي کي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جو ڪپتان بڻايو ويو هو.
2024 جي شروعات ۾ ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين جي تبديليءَ کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتاني شاهين آفريدي کان کسي وئي ۽ بابر اعظم کي ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي ٽيم جو ڪپتان بڻايو ويو، پر آئرلينڊ هٿان شڪست، انگلينڊ خلاف سيريز هارائڻ ۽ وري ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جي پهرئين ئي مرحلي ۾ آمريڪا ۽ ڀارت هٿان شڪست کانپوءِ کيس ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.