اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ 63 اي جي تشريح بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پي ٽي آءِ جي وڪيل بئريسٽر علي ظفر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته توهان اچو ۽ اسان کي بي عزت ڪيو، اهو اسان قطعي برداشت نه ڪنداسين.
سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بئنچ 63 اي جي تشريح بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ ورڪر مصطفين ڪاظمي روسٽرم تي اچي چيو ته هيءَ 5 رڪني لارجر بئنچ غير آئيني آهي، اسان جا 500 وڪيل ٻاهر آهن، ڏسون ٿا ته توهان ڪيئن اسان جي خلاف فيصلو ٿا ڏيو.
ان تي چيف جسٽس طرفان مصطفين ڪاظمي کي ويهڻ جي هدايت باوجود نه ويهڻ تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پوليس کي هدايت ڪئي ته کيس ٻاهر ڪڍو.
پوءِ چيف جسٽس پي ٽي آءِ جي وڪيل بئريسٽر علي ظفر کي مخاطب ٿيندي چيو ته هي ڇا ٿي رهيو آهي؟ علي ظفر توهان اچو ۽ اسان کي بي عزت ڪيو اسان اهو قطعي برداشت نه ڪنداسين، ججن سان بدتميزي جو اهو طريقو هاڻ عام ٿي ويو آهي.
جسٽس جمال مندوخيل بئريسٽر علي ظفر سان مڪالمو ڪندي چيو ته توهان لاءِ جيڪا ٿوري همدردي هئي، اها به توهان جي رويي مان ختم ٿي وئي.
چيف جسٽس علي ظفر کي چيو توهان چيو ته فيصلو ٻڌائي ڇڏيو ته اسان ٻڌائي ڇڏيو، اسان سڀني جو گڏيل فيصلو آهي ته بئنچ جو اعتراض رد ڪيون ٿا.
ان تي علي ظفر چيو ته بئنچ ٺاهيندڙ ڪميٽي جا ميمبر بئنچ جو حصو آهن، پاڻ ڪيئن بئنچ جي جوڙجڪ کي قانوني قرار ڏئي سگهن ٿا؟
چيف جسٽس چيو جيڪڏهن ائين ٿئي ته ججز ڪميٽي جا ميمبر ڪنهن بئنچ جو حصو ئي نه بڻجي سگهن، توهان اسان کي ڳالهيون ٻڌائيندا آهيو ته پوءِ ٻڌو به، اسان پاڪستان ٺاهڻ وارن مان آهيون ٽوڙڻ وارن مان ناهيون، اسان اهي ڪيس به ٻڌا جيڪي ڪنهن ٻڌڻ جا چاهيا، پرويز مشرف جو ڪيس به اسان ٻڌو.
ان موقعي تي جسٽس جمال مندوخيل چيو ته مان 63 اي ڪيس ۾ بئنچ جو حصو هيس، ڇا هاڻ مان نظرثاني بئنچ ۾ ويهڻ کان انڪار نٿو ڪري سگهان؟ ڇا ائين ڪرڻ حلف جي ڀڃڪڙي هوندو؟
چيف جسٽس چيو هتي ته فيصلن کي رجسٽرار کان ختم ڪرايو ويو آهي، مان بئنچ ۾ انهن ئي ججن کي شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مان ڪنهن کي مجبور نٿو ڪري سگهان.
پوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي صبح 11 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
You might also like