فلسطين مسئلي تي مسلمان ملڪن کي نيٽو جيان اتحاد جوڙڻ گهرجي: ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناليواري مذهبي اسڪالر ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ فلسطين مسئلي جي حل لاءِ نيٽو جهڙو اتحاد جوڙڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي.
اسلام آباد ۾ پاڪستاني اينڪرز سان گفتگو ڪندي ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ چيو ته مسلمان ملڪن کي نيٽو جيان اتحاد جوڙڻ گهرجي، نيٽو جا 32 ملڪ آهن، جيڪڏهن ڪنهن هڪ ملڪ تي حملو ٿيو ته سڀني ملڪن تي حملو تصور ٿيندو آهي.
هن چيو ته 57 اسلامي ملڪن کي به نيٽو جي اصولن تي ٻڌل هڪ اتحاد جوڙڻ گهرجي، ائين مسلمان ملڪ وڌيڪ طاقتور ٿيندا پر افسوس مسلمان ورهايل آهن.
فلسطين مسئلي تي مسلمانن کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ ان سواب جي جواب ۾ ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ چيو ته هر مسلمان کي گهٽ ۾ گهٽ دعا ته ضرور ڪرڻ گهرجي ۽ ان لاءِ بهترين وقت تهجد جو آهي، ان کانسواءِ اسان کي سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي آگاهي پکيڙڻ جي ضرورت آهي، اسان کي پرامن احتجاج ڪرڻ گهرجي، جيڪو اثرائتو هوندو آهي.
هن چيو ته اسان کي اسرائيلي شين جو بائيڪاٽ ڪرڻ گهرجي، ان کانسواءِ مسلمانن کي انفرادي طور جيتري ٿي سگهي فلسطينين جي مدد ڪرڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته مسلمانن کي عالمي عدالت ۾ اسرائيل خلاف ڪيس داخل ڪرڻ گهرجن، مسلمانن جي ميڊيا کي گهرجي ته فلسطين جي حوالي سان آواز اٿاري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.