وفاق جي انتظام هيٺ 3 اسپتالون پنجاب حڪومت کي ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاق جي انتظام هيٺ 3 اسپتالون پنجاب حڪومت کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جن ۾ فيڊرل گورنمينٽ ٽي بي سينٽر راولپنڊي، شيخ زيد اسپتال ۽ پي جي ايم آءِ شامل آهن.
ذريعن موجب وفاقي اسپتالن جي پنجاب حڪومت کي منتقلي جي معاملن تي ڪم جاري آهي، وفاقي اسپتالن جي منتقلي پروگرام جي طريقي ڪار کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اسپتالن جي پنجاب حڪومت کي منتقلي جا معاملا ايندڙ مهيني طئي ٿيڻ جو امڪان آهي، وفاقي اسپتالن جي پنجاب حڪومت کي منتقلي رائيٽ سائزنگ پلان جو حصو آهي.
وفاقي اسپتالن کي پنجاب منتقل ڪرڻ جي سفارش رائيٽ سائزنگ ڪميٽي ڪئي آهي، ٽئي اسپتالون وفاقي حڪومت جي انتظام هيٺ، فنڊنگ صحت واري وزارت ڪري رهي آهي.
رائيٽ سائزنگ ڪميٽي صحت واري وزارت کي عملدرآمد لاءِ هڪ مهيني جي مهلت ڏني آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.