نوڪري مان ڪڍڻ تي ملازم ٻن ڄڻن کي گولي هڻي ڇڏي

اردن ۾ هڪ شهري نوڪري مان ڪڍڻ تي ڪاوڙ ۾ اچي ان ئي فيڪٽري ۾ ڪم ڪندڙ ٻن ڄڻن کي گولي هڻي ڇڏي.
ڏکڻ اردن ۾ اهو افسوسناڪ واقعو آچر ڏينهن پيش آيو، عقبه گورنري ۾ هڪ فيڪٽري مان ڪڍڻ تي ملازم جي فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا زخمي ٿيا، جڏهن ته هڪ شخص ڪِري زخمي ٿي پيو.
پبلڪ سيڪيورٽي ڊائريڪٽوريٽ ترجمان ڪرنل عامر السرطاوي موجب عقبه گورنري پوليس ڊائريڪٽوريٽ کي اطلاع مليو ته هڪ شخص فيڪٽري اندر انڌاڌند فائرنگ ڪئي.
ڄاڻايل شخص کي ڪجهه دير اڳ ئي ملازمت تان فارغ ڪيو ويو هو، جوابدار فائرنگ کانپوءِ فرار ٿي ويو، جنهن جي ڳولا جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.