راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان تجويز ڪيل آئيني ترميمن جي حوالي سان عدليا جي حق ۾ احتجاج جو اعلان ڪندي علي امين گنڊاپور کي اهم هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.
اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي گفتگو ڪندي عمران خان چيو ته 2 آڪٽوبر تي ميانوالي، فيصل آباد ۽ بهاولپور ۾ احتجاج ٿيندو، جڏهن ته 4 آڪٽوبر تي ڊي چوڪ ۽ 5 آڪٽوبر تي لاهور مينار پاڪستان تي احتجاج ڪيو ويندو.
هن چيو ته احتجاج جي اڳواڻي علي امين گنڊاپور ڪندو ۽ هو انقلاب جي درست ڳالهه ڪندي منهنجو موقف عوام تائين پهچائي رهيو آهي، هن اسلام آباد ڏانهن مارچ ڪري عوام کي جاڳائي ڇڏيو.
سندس چوڻ هو ته اسان هر صورت ۾ آخري بال تائين مقابلو ڪندي عدليا جو دفاع ڪنداسين ۽ پنهنجي آزادي جي جدوجهد جاري رکنداسين.
You might also like