روز ڪيترا ڪوپ چانهه پيئڻ سان دماغي صحت کي فائدو ٿئي ٿو؟

چانهه کي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ پسند ڪيو ويندو آهي.
پر ڇا توهان کي خبر آهي ته اها پيئڻ سان دماغي صحت کي به فائدو ٿيندو آهي؟
جي ها واقعي چانهه يا ڪافي مخصوص مقدار ۾ پيئڻ سان دماغي مرض ڊيمينشيا کان بچڻ ۾ مدد ملندي آهي.
جرنل Scientific Reports ۾ ڇپيل تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته چانهه يا ڪافي جي استعمال سان هاءِ بلڊ پريشر جو شڪار ماڻهو ڊيمينشيا کان متاثر ٿيڻ جو خطرو گهٽ ڪري سگهن ٿا پر ان لاءِ مقدار اهميت رکي ٿو.
هڪ تحقيق ۾ 4 لک 53 هزار ماڻهن جي ڊيٽا گڏ ڪئي وئي ۽ ڏٺو ويو ته چانهه يا ڪافي پيئڻ ۽ ڊيمينشيا جي خطري وچ ۾ تعلق موجود آهي يا نه؟
تحقيق ۾ شامل 50 سيڪڙو ماڻهو هاءِ بلڊ پريشر جو شڪار هئا ۽ انهن سڀني جي صحت جو جائزو 15 سالن تائين ورتو ويو.
سڀني عنصرن کي نظر ۾ رکڻ کانپوءِ محققن دريافت ڪيو ته هاءِ بلڊ پريشر جو شڪار ماڻهن ۾ ڊيمينشيا جو خطرو تمام گهڻو هوندو آهي.
هنن دريافت ڪيو ته چانهه ۽ ڪافي جي استعمال سان ڊيمينشيا جو خطرو گهٽجندو آهي.
مقدار جي حوالي سان محققن چيو ته روز ڏيڍ ڪوپ ڪافي يا 4 کان 5 ڪوپ چانهه سان ڊيمينشيا جو خطرو گهٽجندو آهي.
محققن اهو به چيو ته چانهه ۽ ڪافي ۾ موجود ڪيفين جي وڌيڪ مقدار ۾ استعمال کان پاسو ڪرڻ گهرجي، ڇو ته ان جا ناڪاري اثر پئجي سگهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.