ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ سُپر اسٽار رنوير سنگهه کي هڪ ڀيرو ٻيهر بشنوئي گينگ طرفان ڌمڪي جوڳو پيغام مليو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، بالي ووڊ اداڪار رنوير سنگهه کي هڪ ڀيرو ٻيهر مبينا طور تي بشنوئي گينگ طرفان ڌمڪي وارو پيغام موصول ٿيو آهي، جنهن ۾ سندس عملي کي نقصان پهچائڻ جي وارننگ ڏني وئي آهي.
اهو پيغام هڪ اڻڄاتل شخص طرفان وائس نوٽ ذريعي موڪليو ويو آهي، جنهن پاڻ کي بشنوئي گينگ سان واڳيل ظاهر ڪيو آهي.
وائس نوٽ ۾ ڄاڻايل همراهه رنوير سنگهه ۽ مشهور فلمساز روهت شيٽي کي مخاطب ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن اهي ”وقت تي لائن تي نه آيا“ ته سندن سموري عملي کي نشانو بڻايو ويندو ۽ قتل ڪري ڇڏيو ويندو.
پيغام ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته اداڪار جي مينيجر ۽ ٻين ملازمن جي ذاتي ڄاڻ سميت رهائش ۽ روزمره جا معاملا وٽن موجود آهن ۽ جيڪڏهن هدايتن تي عمل نه ڪيو ويو ته عملي کي نشانو بڻايو ويندو.
پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ جاري آهي ۽ اداڪار جي رهائش گاهه جي ڀرپاسي سيڪيورٽي وڌائي وئي آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته معاملي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي.