وزيراعظم رمضان رليف پيڪيج جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف رمضان رليف پيڪيج تحت 38 ارب رپيا فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
رمضان رليف پيڪيج جاري ڪرڻ واري تقريب دوران بي آءِ ايس پي جي سيڪريٽري سيڪريٽري کي بريفنگ ڏيندي چيو ته هن سال رمضان پيڪيج تحت مستحقن کي 13 هزار رپيا ڏنا ويندا ۽ هن پيڪيج جو مقصد مستحق خاندانن کي عزت سان رليف مهيا ڪرڻ آهي.
بي آءِ ايس پي سيڪريٽري جو چوڻ هو ته ته 2025 ۾ رمضان پيڪيج تحت حقدارن کي 5 هزار رپيا ڏنا ويا هئا، جڏهن ته هن سال رقم قوم بئنڪن ذريعي مستحقن تائين سڌي ريت راست پهچائي ويندي.
بريفنگ دوران اهو پڻ ٻڌايو ويو ته وزيراعظم پاڻ رمضان رليف پيڪيج واري نظام جي نگراني ڪري رهيو آهي، جڏهن ته هڪ ڪميٽي، جنهن ۾ وزير شامل آهن، ان پيڪيج جي سمورن مرحلن جي نگراني ڪندي.
شهباز شريف تقريب ۾ خطاب ڪندي چيو ته گذريل سال رمضان ۾ مستحقن ڌکي ڊجيٽل نظام ذريعي رقم ڏني وئي هئي ۽ هن سال رمضان پيڪيج لاءِ 38 ارب رپيا مقرر ڪيا ويا آهن.
هن وڌيڪ چيو ته چئني صوبن ۽ آزاد ڪشمير ۾ رقم شفاف نظام ذريعي ورهائي ويندي ۽ هر خاندان کي 13 هزار رپيا ڏنا ويندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.