ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا همانشي کُرانا کي موتمار ڌمڪيون مليون آهن، لارنس بشنوئي گينگ کائنس 10 ڪروڙ رپيا ڀتو طلب ڪيو آهي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب، لارنس بشنوئي گينگ طرفان مبينا ڌمڪي واري ڪال اچڻ کانپوءِ پوليس اداڪارا جي سيڪيورٽي وڌيڪ سخت ڪري ڇڏي آهي.
اداڪارا پنهنجي شڪايت ۾ چيو آهي ته کيس جمعي کان موتمار ڌمڪيون ڏيندڙ اي ميلز ملي رهيون آهن، اي ميل موڪيندڙ پاڻ کي ذيشان اختر طور ظاهر ڪندي 10 ڪروڙ رپيا ڀتو گهريو ۽ اي ميل سان گڏ آڊيو پيغام پڻ موڪليو.
موهالي پوليس ڪيس داخل ڪري معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته ڌمڪي واري ڪال چنديڳڙهه مان ڪئي وئي ۽ ان جو تعلق پرڏيهه ۾ سرگرم گينگ نيٽ ورڪ سان جوڙيو پيو وڃي.
You might also like