هر عورت جي خواهش هوندي آهي ته اها جلد ماءُ بڻجي پر اڄڪلهه فاسٽ فوڊ جي وڌندڙ رجحان سبب صحت تي ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن.
سافٽ ڊرنڪ ۽ فاسٽ فوڊ جو وڌيڪ استعمال مرد ۽ عورت ٻنهي لاءِ نقصانڪار آهي، جلد ڳورهاري ٿيڻ لاءِ زال توڙي مڙس کي صحت جو خاص خيال رکڻو پوندو.
اچو ته ڄاڻون اهي ڪهڙا طريقا آهن، جن سان عورت جلد ڳورهاري ٿيڻ جا امڪان وڌي ويندا آهن.
اينٽي آڪسيڊنٽ سان ڀرپور کاڌو
اينٽي آڪسيڊنٽ جهڙو فوليٽ ۽ زنڪ مرد ۽ عورت ٻنهي ۾ زرخيري کي وڌائيندو آهي، فوليٽ لاءِ اسان کي ميون ۽ سبزين جو استعمال ڪرڻ گهرجي.
فائبر واريون غذائون
جلد ڳورهاري ٿيڻ لاءِ اسان کي انهن غذائن جو استعمال ڪرڻو پوندو، جن ۾ فائبر جو مقدار وڌيڪ هجي، فائبر توهان کي واڌو هارمون کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ ۾ مدد ڪندو آهي، اهو بلڊ شگر کي به متوازن رکندو آهي.
هڪ ريسرچ موجب روز عورت کي 25 گرام ۽ مرد کي 31 گرام فائبر وٺڻ گهرجي، اسان کي فائبر لاءِ سبزين ۽ ميون جو وڌيڪ استعمال ڪرڻ گهرجي.
صحتمند وزن
جڏهن مرد ۽ عورت جي زرخيزي جي ڳالهه اچي ٿي ته صحتمند وزن سڀني لاءِ اهم آهي، توهان جي جسم ۾ ذخيرو ٿيل چرٻي ماهواري جي ڪم کي متاثر ڪري ٿي، ان لاءِ وزن کي متوازن رکو.
ورزش
جيڪي عورتون ورزش ڪرڻ جون عادي هونديون آهن، انهن کي خيال رکڻ گهرجي ته سخت ورزش ڳورهاري ٿيڻ ۾ رنڊڪ بڻجي سگهي ٿي، ضرورت کان وڌيڪ ورزش جسم ۾ توانائي جي شرح کي تبديل ڪري سگهي ٿي، تنهن ڪري گهڻي ورزش کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
ڪجهه اهم ڳالهيون
جلد ڳورهاري ٿيڻ لاءِ ڪيفين جو استعمال گهٽ ڪرڻ گهرجي، ملٽي وٽامنز جو استعمال ڪيو، پروٽين جو به استعمال ڪيو، سافٽ ڊرنڪ کان پاسو ڪيو، مرد سگريٽ ڇڪڻ جي عادت کي گهٽ ڪن، سٺي نيرن ڪيو.
Prev Post
You might also like