ڪانپور ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي آل رائوندڙ روييندرا جاڙيجا ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ٽس سئو وڪيٽون حاصل ڪندڙ دنيا جو ٽيون لفٽ آرم اسپنر بڻجي ويو آهي.
جاڙيجا ڪانپور ۾ جاري ٻي ٽيسٽ ميچ دوران پنهنجي ئي بال تي بنگلاديشي بيٽر خالد احمد جو ڪيچ پڪڙي ڊگهي فارميٽ واري ڪرڪيٽ ۾ پنهنجا ٽي سئو شڪار مڪمل ڪيا.
لفٽ آرم اسپنرز ۾ سريلنڪا جو رنگنا هيراٿ 433 وڪيٽون وٺي پهرئين نمبر تي موجود آهي جڏهن ته ڪيوي اسپنر ڊنيئل وٽوري 362 وڪيٽن سان ٽئين نمبر تي آهي.
ان کانسواءِ آل رائوندڙ رويندرا جاڙيجا اهڙن 11 رانديگرن ۾ شامل ٿي ويو آهي جن ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ٽي سئو وڪيٽن ۽ ٽي هزار رنسون ٺاهيون آهن.
جاڙيجا اِهو ڪارنامو 74 ٽيسٽ ميچن ۾ انجام ڏنو جڏهن ته انگلينڊ جي اڳوني ڪپتان آئن بوٿم 72 ميچن ۾ اِهو رڪارڊ پنهنجي نالي ڪيو هو.
Next Post
You might also like