ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز ايم ڊي ڪيٽ 2024 جي نتيجن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا.
ڊائو يونيورسٽي ايم ڊي ڪيٽ نتيجا جا سرڪاري انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا، سڄي سنڌ مان ايم ڊي ڪيٽ 2024 ۾ 38 هزار 41 اميدوار شريڪ ٿيا، 22 هزار 366 ڪامياب ٿيا، ڪاميابي جي شرح 58.79 سيڪڙو رهي.
ڪراچي ۾ ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ اوجها ڪيمپس ۽ اين اي ڊي يونيورسٽي ۾ قائم ٻنهي امتحاني مرڪزن ۾ ڪل 12 هزار 572 اميدوارن حصو ورتو، جڏهن ته ڄامشوري ۾ لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز، شهيد بينظير آباد ۾ بلاول اسپورٽس ڪامپيلڪس نواب شاهه، لاڙڪاڻي ۾ پوليس ٽريننگ اسڪول، پي ٽي ايس بس ٽرمينل لاڙڪاڻي ۽ سکر ۾ آءِ بي اي پبلڪ اسڪول ۾ ٽيسٽ ٿي.
You might also like