اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) ايل پي جي جو اگهه وڌائي ڇڏيو.
نوٽيفڪيشن موجب پهرين آڪٽوبر کان ايل پي جي جو گهريلو سئليندر 86 رپيا 28 پئسا مهانگو ڪيو ويو آهي.
في ڪلو ايل پي جي 7 رپيا 31 پئسا مهانگي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ آڪٽوبر لاءِ ايل پي جي جو في ڪلو اگهه 251 رپيا 30 پئسا آهي.
نوٽيفڪيشن موجب آڪٽوبر لاءِ ايل پي جي جي 11.8 ڪلو جي گهريلو سئلينڊر جي قيمت 2965 رپيا 38 پئسا ٿي وئي آهي.
You might also like