توشا خانا ٽو ڪيس: عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جون ضمانت جون درخواستون رد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت توشا خان ٽو ڪيس ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جون ضمانت جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون.
اسپيشل جج سينٽرل شاهه رخ ارجمند اڊيالا جيل ۾ درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي، ايف آءِ اي طرفان پراسيڪيوٽر ذوالفقار عباس نقوي پنهنجي ٽيم سان گڏ پيش ٿيو، جڏهن ته پي ٽي آءِ باني ۽ سندس گهرواري طرفان بئريسٽر سلمان صفدر وڪالت ڪئي.
عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ جوابدارن جي درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو ۽ ڪجهه دير کانپوءِ فيصلو ٻڌائيندي عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جون ضمانت جون دخواستون رد ڪري ڇڏيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.