پشاور (ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور هڪ ڀيرو ٻيهر پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.
هڪ بيان ۾ علي امين گنڊاپور مريم نواز تي عورت ڪارڊ استعمال ڪرڻ جو الزام لڳائيندي چيو ته ڪي پي ۾جلسا ڇو ڪيان؟ نواز شريف جڏهن سزا کانپوءِ ٻاهرين ملڪ هو تڏهن مريم نواز پنجاب ۾ جلسا ڪري رهي هئي، اسان کيس نه روڪيو هو.
هن چيو ته پي ٽي آءِ جون عورتون جيل ۾ آهن، ڇا اِهي عورتون ناهن ؟ ڇا سڄي ملڪ ۾ هڪ عورت مريم نواز ئي باقي بچي آهي؟
علي امين گنڊاپور وڌيڪ چيو ته پنجاب پوليس کي ٻيهر وارننگ ڏيون ٿا روڪيو ويو ته جواب ڏينداسين، هڪ صوبي جي چونڊيل وڏي وزير جي رستا روڪ لاءِ ڪنٽينرز لڳايا پيا وڃن، اِهي ڪنهن جا وسيلا آهن؟
You might also like