احمد آباد (ويب ڊيسڪ) ڀارتي پوليس مهاتما گانڌيءَ بدران بالي ووڊ اداڪار انوپم کير جي تصوير وارا ڪروڙين رپين جا ڀارتي نوٽ هٿ ڪري ورتا آهن.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، احمد آباد پوليس کي هڪ ڪروڙ 60 لک جا ڀارتي ڪرنسي نوٽ هٿ ڪيا جنهن کانپوءِ ڪرنسي نوٽن ون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون.
منظرِعام تي آيل وڊيوز ۾ پنج رپين جي ڪرنسي نوٽن تي مهاتما گانڌي بدران انوپم کير جي تصوير ڏسي سگهجي ٿي جڏهن ته نوٽن تي ” ريزرو بئنڪ آف انڊيا “ بدران ” ريزول بئنڪ آف انڊيا “ به لکيل آهي.
سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ جعلي ڪرنسي نوٽن جي وڊيو انوپم کير طرفان به انسٽاگرام تي شيئر ڪئي وئي جنهن جنهن جي ڪيپشن ۾ اداڪار لکيو ته ” ڏيو منهن، پنج سئو رپين جي نوٽ تي گانڌي جِي، جي تصوير بدران منهنجي تصوير ؟ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو.“
معاملو ڇا آهي؟
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، هڪ ڪروڙ سٺ لک جي نوٽ، چاندي ۽ سون جا سڪا ٺاهيندڙ فرم جي مالڪ ميهول ٺاڪر کي ملندڙ ڌوکي کانپوءِ هٿ آيا جنهن کانپوءِ احمد آباد ۾ اڻڄاتل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
ميهول ٺاڪر پوليس ٻڌايو ته ڪجهه ماڻهو کائنس 2100 گرام سون خريدڻ چاهين پيا، جوابدارن چيو ته سندن خريد ڪيل سون نورنگ پورا علائي ۾ پهچايو ويو جنهن کانپوءِ فرم جي مالڪ پنهنجي ملازم ذريعي سون ٻڌايل هنڌ پهچايو، پر جوابدار سون بدران هڪ ڪروڙ ٽيهه لک ڀارتي رپين جا جعلي نوٽ ڏنا.
جوابدارن فرم جي مالڪ جي ملازمن کي چيو ته هو ويجهي دڪان تان باقي ٽيهه لک رپيا کڻي اچن ٿا پر هو واپس نه آيا.
You might also like