پاڪستاني ڊزائينر فراز منان عالمي فيشن انڊسٽري جي 500 بااثر شخصيتن ۾ شامل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي مسهور فيشن ڊزائينر فراز منان کي عالمي فيشن انڊسٽري جي 500 بااثر شخصيتن جي فهرست (بي او ايف 500) ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
ان فهرست ۾ سڄي دنيا جي ماڻهن کي شامل ڪيو ويندو آهي.
فراز منان ان وڏي ڪاميابي جو اعلان انسٽاگرام تي ڪيو، هن پنهنجي خوشي جو اظهار ڪندي لکيو ته ”عالمي فيشن انڊسٽري کي جوڙيندڙ بي او ايف 500 جو حصو بڻجي فخر ۽ خوشي محسوس ٿي رهي آهي“.
منان جو فيشن برانڊ سڄي دنيا ۾ پنهنجي مشهور لباسن سبب سڃاتو ويندو آهي، ان جي تخليقن بالي ووڊ جي ناليوارين اداڪارائن ڪرينا ڪپور، دپيڪا پڊڪون، عاليا ڀٽ جو به ڌيان ڇڪايو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.