کٽمنڊو (ويب ڊيسڪ) نيپال ۾ ٻن ڏينهن کان جاري تيز برساتن کانپوءِ پيدا ٿيندڙ ٻوڏ جي صورتحال ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب فوتين جو انگ 125 کان وڌي ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب نيپال ۾ گذريل ٻن ڏينهن کان جاري برساتن کانپوءِ پيدا ٿيندڙ صورتحال سان فوتگيون وڌي ويون آهن.
اختيارين جو چوڻ آهي ته برسات، ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب هيل تائين 129 ڄڻا فوت ۽ 62 ڄڻا گم آهن.
اختيارين موجب کٽمنڊو جي ڪجهه حصن ۾ 322 ملي ميٽر کان وڌيڪ برسات رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته اختيارين ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ سان متاثر علائقن ۾ اسڪول 3 ڏينهن تائين بند رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
You might also like