محمد يوسف قومي ٽيم جي سليڪٽر جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي سليڪشن ڪميٽي جي ميمبر محمد يوسف عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
محمد يوسف ايڪس تي پنهنجي فيصلي جو اعلان ڪندي پيغام ۾ چيو ته ذاتي سببن جي بنياد تي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي رهيو آهيان، پاڪستان ٽيم لاءِ خدمتون انجام ڏيڻ اعزاز جي ڳالهه آهي.
هن چيو ته مون کي پاڪستان ڪرڪيٽ جي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي فخر آهي، جڏهن ته مون کي پنهنجي رانديگرن جي صلاحيتن ۽ جذبي تي ڀروسو آهي.
محمد يوسف قومي ٽيم لاءِ مستقبل ۾ نيڪ خواهشن جو اظهار به ڪيو.
هوڏانهن پي سي بي محمد يوسف جي استعيفيٰ جي تصديق ڪندي چيو ته هو بورڊ ۾ ٻين اهم ذميوارين تي ڌيان ڏيڻ چاهي ٿو.
بيان ۾ چيو ويو ته محمد يوسف ڪرڪيٽ بورڊ ۾ اهم ذميواريون انجام ڏيندو رهندو، هو هاءِ پرفارمنس سينٽر ۾ بيٽنگ ڪوچ طور پنهنجي تجربي کي استعمال ڪندي خدمتون انجام ڏيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.