هين قومي جونيئر هاڪي چيمپيئن شپ ۾ پاڪستان بورڊز جي سنڌ بي خلاف فتح

اسلام آباد: 37هين قومي جونيئر هاڪي چيمپيئن شپ 2024 ۾ پاڪستان بورڊز هاڪي ٽيم سنڌ بي خلاف دلچسپ مقابلي کانپوءِ ٻڙي جي ڀيٽ ۾ هڪ گول تان ڪاميابي ماڻي ورتي.
پاڪستان اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ ٿيل مقابلي ۾ ٻنهي ٽيمن غير معمولي راند جو مظاهرو پيش ڪيو، ميچ جو خاص مهمان انٽر بورڊ ڪوآرڊينيشن ڪميشن جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر غلام علي ملاح هو، جڏهن ته پاڪستان هاڪي فيڊريشن جو نائب صدر محمد رمضان جمالي به ساڻس گڏ هو.
اسسٽنٽ ٽورنامينٽ ڊائريڪٽر محمد اسلم خان نيازي سميت فيلڊ جيوري ۽ امپائرن معزز مهمانن جي آجيان ڪئي، ميچ کان اڳ خاص مهمان ڊاڪٽر غلام علي ملاح جو ٻنهي ٽيمن سان تعارف ڪرايو ويو، جنهن کانپوءِ رانديگرن سان گروپ فوٽو ڪڍرايو ويو.
ڊاڪٽر غلام علي ماح ٽيمن جي جوش، جذبي ۽ راند جي لڳاءَ کي ساراهيندي انهن جي مستقبل لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
ميچ جو بهترين رانديگر پاڪستان بورڊز جو محمد علي رهيو، جنهن فيصلائتو گول ڪري پنهنجي ٽيم کي فتح ڏياري، ميچ کانپوءِ پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي نائب صدر محمد رمضان جمالي به رانديگرن سان ملاقات ڪئي ۽ سندن ڪارڪردگي کي ساراهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.