روز هڪ بيضو کائڻ سان صحت تي ڪهڙا اثر پون ٿا؟

بيضن کي مختلف طريقن سان پچائي کائي سگھجي ٿو.

فراءِ، آمليٽ يا ڪنهن ٻي شڪل ۾ بيضن جو استعمال سڄي دنيا ۾ گھڻو ٿيندو آهي خاص ڪري نيرن لاءِ ان کي سڀ کان وڌيڪ استعمال ڪيو ويندو آهي.

بيضن مان پروٽين، منرلز، وٽامنز ۽ ٻيا ڪيترائي غذائي جُز جسم کي ملندا آهن ۽ ان غذا کي صحت لاءِ به فائديمند سمجهيو ويندو آهي.

پر ڇا اوهان کي خبر آهي ته هر سال آڪٽوبر جي ٻئين جمعي تي بيضن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي؟

جي ها واقعي اڄ 13 آڪٽوبر بيضن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي.

ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد بيضن جي غذائي فائدن جي حوالي سان ماڻهن ۾ شعور اجاڳر ڪرڻ آهي ۽ ان کي 1996 کان ملهايو پيو وڃي.

جيڪڏهن روز هڪ بيضو کاڌو وڃي ته اسان جي جسم تي ڪهڙا اثر پوندا آهن؟ ان بابت سائنسي شاهديون ڄاڻيو.

پروٽين حاصل ڪرڻ

هڪ بيضي ۾ 6 گرام پروٽين هوندو آهي ۽ اهو غذائي جُز گھڻو اهم هوندو آهي ڇو جو اسان جو جسم ان کي پاڻي ناهي ٺاهيندو.

پروٽين هڏن، ننهن ۽ وارن جي صحت لاءِ اهم هوندو آهي جڏهن ته ميٽابولزم کي تيز ڪندو آهي جنهن سان جسماني وزن ۾ گھٽٽائي آڻڻ ۾ مدد ملندي آهي.

فائديمند جُزن سان ڀرپور

هڪ بيضي ۾ پروٽين سان گڏوگڏ فاسفورس، ڪولين، ڳوٽامن بي 12، وٽامن اي، وٽامن اِي، وٽامن بي 12، وٽامن بي 9 (فوليٽ)، ليوٽن ۽ Selenium سوڌو ڪيترائي اينٽي آڪسائيڊنٽس موجود هوندا آهن.

اينٽي آڪسائيڊنٽس سان خلين کي صحتمند رکڻ ۾ مدد ملندي آهي ڇو جو اهي خلين کي دٻاءَ کان تحفظ فراهم ڪندا آهن.

صحت لاءِ فائديمند ڪولسٽرول حاصل ڪرڻ

صحت لاءِ فائديمند ڪولسٽرول کي ايڇ ڊي ايل چيو ويندو آهي جڏهن ته هاڃيڪار ڪولسٽرول کي ايل ڊي ايل.

بيضا کائڻ سان جسم ۾ ڪولسٽرول جي ٻنهي قسمن ۾ اضافو ٿيندو آهي پر ايڇ ڊي ايل قسم ٻئي کي نقصان ناهي رسائڻ ڏيندو.

رت مان سڻڀ کي گھٽائيندوآهي

رت ۾ سڻڀ جي سطح ۾ گھٽتائي صحت لاءِ فائديمند هوندي آهي ۽ شريانين جي مرضن جو خطرو گھٽ هوندو آهي.

بيضن ۾ موجود مخصوص فيٽي ايسڊز سان رت ۾ سڻڀ جي سطح ۾ گھٽتائي آڻڻ ۾ مدد ملندي آهي.

فالج جو خطرو گھٽ هوندو آهي

تحقيقي رپورٽن موجب روز هڪ بيضو کائڻ سان فالج جو خطرو گھٽ هوندو آهي.

هڪ تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته روز هڪ بيضو کائيندڙ ماڻهن ۾ فالج جو خطرو ٻين جي ڀيٽ ۾ 30 سيڪڙو تائين گهٽجي ويندو آهي.

دل لاءِ فائديمند

بيضا کائڻ سان دل جي مرضن مان متاثر ٿيڻ جو خطرو گھٽ هوندو آهي.

هڪ تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته روز هڪ بيضو کائيندڙن ۾ ان غذا کان پري رهندڙن جي ڀيٽ ۾ دل جي مرضن مان متاثر ٿيڻ جو خطرو لڳ ڀڳ 20 سيڪڙو گھٽ هوندو آهي.

پيٽ ڀرڻ جو احساس وڌيڪ دير تائين برقرار رهندو آهي

نيرن جو بيضا کائڻ سان پيٽ ڀرجڻ جو احساس وڌيڪ وقت تائين برقرار رهندو آهي.

ان جي نتيجي ۾ ڏينهن ۾ بي وقت ڪجهه کائڻ کان بچڻ سولو ٿي ويندو آهي جنهن سان جسماني وزن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي.

اکين جي نظر کي فائدو پهچائيندو آهي

بيضن ۾ موجود اينٽي آڪسائيڊنٽس سان اکين جي نظر جي مرضن جهڙوڪ موتيا ۽ عمر سان گڏ ايندڙ ڪمزوري کان بچڻ ۾ مدد ملندي آهي.

دماغ تيز ٿيندو آهي

بيضن ۾ موجود وٽامن ڊي دماغ لاءِ فائديمند هوندي آهي

ان ۾ موجود جُز جهڙوڪ ڪولين اعصابي خلين وچ ۾ واسطو بهتر ٿيندو آهي جڏهن ته دماغي واڌ ويجهه تيز ٿي ويندي آهي.

نوٽ: اهو مضمون طبي رسالن ۾ ڇپيل تفصيلن تي ٻڌل آهي، ان حوالي سان ڊاڪٽرز کان به مشورو وٺڻ گھرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.