ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ نادرا طرفان وراثتي سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ تي فيس وصولي خلاف درخواست تي نادرا اختيارين کي فيس وصولي جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي.
ڊي جي نادرا ليگل عدالت ۾ حلف نامو جمع ڪرائي ڇڏيو، هن چيو ته نادرا وراثتي سرٽيفڪيٽ رد ٿيڻ تي مڪمل فيس وصول نه ڪندي.
سندس چوڻ هو ته فيس اسٽرڪچر جو نئين سر جائزو وٺڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي ويندي، ڪميٽي جي جوڙجڪ ۽ سفارشن تائين سرٽيفڪيٽ رد ٿيڻ تي فيس وصول ڪنداسين.
عدالت چيو ته وراثت لاءِ قانوني وارث نادرا سميت مختلف ادارن سان رابطو ڪندا آهن، نادرا جي ڪميٽي 10 لک رپين جي وارث تي پينل فيس لاڳو نه ڪري.
عدالت وڌيڪ چيو ته 10 لک تائين وارثت لاءِ ٻه هزار رپين کان وڌيڪ فيس نه ورتي وڃي، 10 لک کان وڌيڪ جي وارثت تي مختلف ڪيٽيگريون ٺاهي سگهجن ٿيون.
سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو ته هڪ لک رپين تائين وارثت تي فيس هڪ هزار رپيا وصول ڪئي وڃي، ڪميٽي جي جوڙجڪ ۽ سفارشن جو عمل ٻن مهينن ۾ مڪمل ڪيو وڃي.
واضح رهي ته عدالت نادرا کي وارثتي سرٽيفڪيٽ، ليٽر آف ايڊمنسٽريشن فيس وصولي تي منع نامو جاري ڪيو هو.
You might also like