نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) ٻيو ڀيرو يورپي يونين جي صدر چونڊجندڙ ارسلا واندرلين وزيراعظم شهباز شريف کي خاطري ڪرائي آهي ته يورپ موسمياتي تبديلي جي مسئلن کي منهن ڏيڻ ۾ پاڪستان جي مدد ڪندو.
اهڙن خيالن جو اظهار هن نيو يارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي سائيڊ لائنز تي ٿيندڙ ملاقات بابت پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ ايڪس ڪيو.
هن چيو ته پاڪستان ۽ يورپي يونين جي ڀائيواري وڏي آهي، واپار کان هجرت تائين ۽ موسمياتي تبديلي خلاف جنگ.
سندس چوڻ هو ته مان پاڪستاني وزيراعظم شهباز شريف کي ٻڌايو ته يورپ گلوبل گيٽ وي (پروگرام) تحت پاڪستان جي موسمياتي لچڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ سڀ کان وڌيڪ ڪمزور ماڻهن کي انساني امداد جي فراهمي جاري رکندو.
You might also like